تنقيد ۽ تنقيد نگاري

تنقيد ۽ تنقيد نگاري (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب نامور اديب ۽ نقاد احسان احمد بدويءَ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز جي 106 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو ڇاپو پهريون، سنڌ مسلم ڪاليج طرفان انٽرنئشنل پريس، ڪراچيءَ مان، سال 1959ع ۾ ڇپايو ويو، جنهن جي قيمت 2 رپيا هئي. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو مارچ 1970ع ۾ آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس حيدرآباد پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. هي احسان بدويءَ جي تحقيقي ۽ تنقيدي مضمونن جو پهريون مجموعو آهي. هي سنڌي ادب ۾ تنقيد تي هڪ اهم ڪتاب آهي، جنهن ۾ سچل جي اردو ڪلام، سنڌي افسانه نگاري، سنڌي غزل جي ابتدا، سنڌي مرثيو، ڊاڪٽر گربخشاڻي، قاضي نذرالاسلام، زينت (ناول)، بال جبريل، مسدس اٻوجهو، ادب ۽ لاشعور، تنقيد ۽ تنقيدنگاري مضمون شامل آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو